Untitled Document

رامسر ماڳ (Ramsar Sites)

 


سنڌ جا رامسر ماڳ (Ramsar Sites in Sindh)

 


1. ڪينجهر (ڪلري) ڍنڍ (Keenjhar Lake)


تاريخ:

23.07.1976

عمودي - افقي ڦاڪون:

240 56 N, 0680 03`E

سمنڊ کان اوچائي:

70 ميٽر

پکيڙ:

13468 هئڪٽر

صوبو:

سنڌ

ڪينجهر کي ڪلريءَ جي نالي سان به سڏجي ٿو جيڪا پاڪستان جي تازي پاڻيءَ جي وڏين ڍنڍن مان هڪ آهي. هن ڍنڍ جي ڊيگهه 24 ڪلوميٽر، موڪر 6 ڪلوميٽر ۽ پاڻي سانڍڻ جي گنجائش 0.53 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. ڪينجهر، ڪراچيءَ کان اندازاً 122 ڪلوميٽر اوڀر ۾ ۽ ٺٽي شهر کان 19 ڪلوميٽر اتر ‐ اوڀر ۾ آهي. 1930 جي ڏهاڪي ۾ ٻن ننڍين ڍنڍن ڪينجهر ۽ ڪلري کي ملائي، چليا وٽ هڪ ڊئم ۽ ڍنڍ جي اڀرندي پاسي کان 12 ڪلوميٽر بند ٻڌي هُڪ ڪيو ويو. ڪينجهر کي، سنڌو درياءَ مان ڪلري بگهاڙ (ڪي بي) فيڊر رستي پاڻي ملندو رهي ٿو. ڪي بي فيڊر، ڪوٽڙي بئراج کان شروع ٿئي ٿو. جيئن ته هي خشڪ علائقو آهي ۽ هتي ساليانو 200 ملي ميٽرن کان به گهٽ مينهن وسي ٿو تنهنڪري، سنڌو درياءَ رستي ئي ڪينجهر ڀربي رهي ٿي.
ڍنڍ جي خاص طور تي اڀرندي ۽ اترئين تراکڙن ترن ۾ سَر (reed) جام ٿئي ٿو، ڍنڍ جي پسگردائي ۾ قدرتاً ٿيندڙ ساوڪ ۾ گرم جهتري ٻيلو (Tropical thorn forest) ٿئي ٿو. جڏهن ته هتان جي آبهوا خشڪ، نيم گرم ۽ چؤماسي تي مدار رکندڙ ٿئي ٿي.
ڪيترن مختلف قسمن جي پکين جي لاءِ جيڪي هن ڍنڍ تي واهيرو، ڊاٻو ۽ واڌ ويجهه ڪن ٿا تن لاءِ بين الاقوامي طور تي اهميت رکندڙ ڍنڍ آهي. هي ڍنڍ پرديسي پکين جو اڏام- لنگهه ۽ سياري گذارڻ جو هڪ اهم ماڳ به آهي. سياري گذارڻ لاءِ هن ڍنڍ تي ايندڙ پکين ۾ بدڪون (Duck) ، هنج (Geese) ، ساحلي پکي (Shorebirds) ، لاکي ڄاڃي (Flamingos) ، ڪائنرا (Cormorants) ، بگا / ٻگهه (Herons) ، ڪنگ (Egrets) ، آئبس (Ibises) ، آڙيون (Coots) ، ڪينا (Gulls) ۽ ڪانيرا (Terns) وغيره شامل آهن. هتي هراڙن (Cotton Teal) ، ڪوڪڙاٽن (Night Heron) ، پيهن (Pheasant tailed jacana) ۽ کيڻاٺين (Purple Moorhen) کي واڌ ويجهه ڪندي ڏٺو ويو آهي. سياري جي مند ۾ اندازاً 100,000 پکين کي هن ڍنڍ تي لهندي ڏٺو ويو آهي. ڪينجهر، ٻڏل ۽ ترندڙ آبي ساوڪ سان به مالامال آهي. جڏهن ته، ڍنڍ جي پسگردائي ۾ قدرتاً گرم جهتري ٻيلو (Tropical thorn Forest) ٿئي ٿو. مڇين جي ڪيترن قسمن سان ڀريل هجڻ سبب اندازاً 50,000 مقامي ماڻهن کي پيٽ گذر جون سهوليتون مهيا ڪري ٿي. هن ماڳ تي مکيه مشغوليون واپار لاءِ مڇي مارڻ، ڍنڍ کي قدرتي حالت ۾ برقرار رکڻ ۽ عوامي تفريح آهي. ڪراچيءَ کي پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪرڻ جو مکيه ذريعو به هيءَ ڍنڍ آهي. 1971ع ۾ هن ڍنڍ کي شڪار جي پناه گاهه ۽ 1977 ۾ جهنگلي جيوت جي رک قرار ڏنو ويو.

 


2. هاليجي ڍنڍ (Haleji Lake)


تاريخ:

23.07.1976

عمودي - افقي ڦاڪون:

240 47 N, 0670 46`E

سمنڊ کان اوچائي:

60 ميٽر

پکيڙ:

1,704 هئڪٽر

صوبو:

سنڌ

هاليجي، هڪ مصنوعي ڍنڍ آهي جنهن جي پاڻيءَ جي سطح سدائين گهٽ وڌ ٿيندي رهي ٿي. ٺٽي کان 15 ڪلوميٽر اتر اولهه ۽ ڪراچيءَ کان 75 ڪلوميٽر اوڀر ۾ آهي. 1930 جي ڏهاڪي ۾ هن کاريءَ ڍنڍ کي مٺي پاڻيءَ جي رزروائر ۾ تبديل ڪري ٺاهيو ويو، هن ڍنڍ جي وڌ ۾ وڌ گهرائي 5-6 ميٽر ۽ پاڻيءَ جي سطح 1 کان 1.5 ميٽرن تائين رهي ٿي. هتان جي آبهوا خشڪ، نيم گرم، چوماسي تي مدار رکندڙ ٿئي ٿي. هتي اونهاري جو گهڻي گرمي ۽ سياري جو گهڻو سيءُ پوي ٿو.
ڏاکڻي پاڪستان ۾ موجود هيءَ ڍنڍ آبي پکين جي ڊاٻي ڪرڻ ۽ واڌ ويجهه ڪرڻ جو هڪ اهم بين الاقوامي ماڳ آهي. جتي سياري جي مند ۾ 50,000 کان 10,000 جي انگ ۾ پکي اچن ٿا. عالمي سطح تي خطري ۾ رهندڙ پيئڻ (Pelican pelecanus cripus) هتي سيارو گذارڻ اچي ٿو. ان کانسواءِ بدڪون (Duck) ، هنج (Geese) ، آڙيون (Coot) ، ڪائنرا (cormorants) ، ساحلي پکي (Shorebirds) ، لاکي ڄاڃي (Flamingos) ، پيئڻ (Pelicans) ، ڪينا (Gulls) ، ڪانيرو (Terns) ، آئبس (Ibises) ، ۽ لقلق (Storks) وغيره هتي سيارو گذارڻ اچن ٿا. هن آبگاهه (Wetland) تي بگا / ٻگهه (Herons) ، ڪنگ (Egret) ، پيها (Pheasant tailed jacana)  ۽ ناياب پکي هنجر (Spot bill) کي واڌ ويجهه ڪندي ڏٺو ويو آهي. انهن سڀني پکين کانسواءِ هن ڍنڍ تي باز (Raptors) ۽ مڇي به جام ٿئي ٿي ته واڳن جي هڪ ننڍڙي ٽولي به هن ڍنڍ تي پلبي رهي ٿي.

 


3. ڊرگهه ڍنڍ (Drigh Lake)


تاريخ:

23.07.1976

عمودي - افقي ڦاڪون:

270 34 N, 0680 06`E

سمنڊ کان اوچائي:

50 ميٽر

پکيڙ:

164 هئڪٽر

صوبو:

سنڌ

ڊرگهه ڍنڍ لاڙڪاڻي جي الهندي ۾ 18 ڪلوميٽر جي پنڌ تي آهي. ڊرگهه ننڍي، ڪجهه ٻاڙي ته گهڻي پوسلي ۽ سنڌوءَ جي (Flood plain) ۾ آهي. ويجهن ڪئنالن جي پاڻيءَ ۽ چوماسي جي مند ۾ وهي ايندڙ پاڻيءَ رستي ڀربي رهي ٿي. گهڻي ڀاڱي، ساريال زمين جي ننڍڙن ٽڪرن واري علائقي ۾ آهي. هيءَ هڪ نيم قدرتي آبگاهه ۽ ڪيترن مختلف قسمن جي آبي ساوڪ سان مالامال آهي. هن ڍنڍ جي آبهوا خشڪ، نيم گرم، اونهاري جو گرم ۽ سياري جو سرد ٿئي ٿي.
هن ڍنڍ تي سدائين 20,000 آبي پکي جن ۾ گهڻائي بدڪن (Ducks) ، آڙين (Coots) ۽ هنجن (Geese) جي ٿئي ٿي، سياري جي مند ۾ واهيرڻ لاءِ اچن ٿا. ڪيترن قسمن جي آبي پکين جي واهيرڻ ۽ سياري گذارڻ جو ماڳ ته ڪوڪڙاٽ (Night Heron) جو هڪ تمام اهم واهيرو پڻ آهي. هتي سياري گذارڻ لاءِ ايندڙ پکين ۾ ساحلي پکي (Shore birds) ، ڪائنرا (Cormorants) ، پيئڻ (Pelicans) ، لاکي ڄاڃي (Flamingos) ، پيها (Jacanas) ، ڪينا (Gulls) ۽ ڪانيرا (Terns) آهن. هن ڍنڍ کي 1972ع ۾ جهنگلي جيوت جي رک قرار ڏنو ويو.

 


4. انڊس ڊالفن رزرو (Indus Dolphin Reserve)


تاريخ:

10.05.2001

عمودي - افقي ڦاڪون:

280 01 N, 0690 15`E

سمنڊ کان اوچائي:

80 ميٽر

پکيڙ:

125,000 هئڪٽر

صوبو:

سنڌ

سکر بئراج کان مٿي، ڪشمور ويجهو گڊو بئراج تائين 170 ڪلوميٽر اوڀاري وهڪري کي ٻلهڻ جي رک طور مخصوص ڪيو ويو آهي. هي ماڳ قدرتي آبگاهه جو هڪ مثالي نمونو آهي، جنهن ۾ سدائين سنڌو درياءَ جو پاڻي وهندو رهي ٿو. درياءَ جي اها مخصوص پٽي 500 کان مٿي باقي بچيل ٻلهڻين جي جياپي لاءِ تمام گهڻيءَ اهميت واري آهي. ٻلهڻ جي هيءَ انوکي ديسي جنس رڳو پاڪستان ۾ ٿئي ٿي ۽ ان کي آءِ يو سي اين (انٽرنيشنل ڪنزرويشن يونين) جي ريڊلسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هنن ٻنهي بئراجن جي وچواريون ڍنڍون ۽ ڍورا ڪيترن قسمن جي پرڏيهي آبي پکين جا ماڳ به آهن. پسگردائي جي ... (Flood plains) ۾ ڪجهه ڌٻڻي علائقا (Marshes) ۽ دريائي ٻيلا به آهن. هتان جي آبهوا، خشڪ ۽ نيم گرم ٿئي ٿي ۽ ساليانو اندازاً 20 ملي ميٽر مينهن پوي ٿو. درياءَ مان مڇي ماري وڃي ٿي ته ٻيڙين رستي آمدرفت کانسواءِ ڪنهن حد تائين هتي تفريح به ڪئي وڃي ٿي. آس پاس جي وسندين ۾ رهندڙ آباديون درياءَ جو پاڻي، پيئڻ ۽ گهريلو مقصدن لاءِ ڪتب آڻين ٿا. هن ئي علائقي ۾ تاريخي ساڌ ٻيلو، هندن جو مندر ۽ ستين جو آستان موجود آهي. سنڌ سرڪار ٻنهي بئريجن جي وچواريءَ اندازاً 170 ڪلوميٽر دريائي پٽيءَ کي 1974 ۾ ٻلهڻ جي رک قرار ڏنو آهي.

 


5. جهٻو لئگون       (Jubho Lake)


تاريخ:

10.05.2001

عمودي - افقي ڦاڪون:

240 20 N, 0680 40`E

سمنڊ کان اوچائي:

50 ميٽر

پکيڙ:

706 هئڪٽر

صوبو:

سنڌ

جهٻو لئگون، قدرتي آبگاهه جو هڪ سٺو مثال آهي جو هيءَ ٻاڙي، ساحلي ۽ زميني کاري ڍنڍ ۽ مڊ فلئٽس جو هڪ بهترين سنگم / ميلاپ آهي. اصل ۾ هيءَ کاري پاڻيءَ جي مڊفلئٽس ۽ مڃر (Marsh) سميت هڪ تراکڙي کاري ڍنڍ آهي. هيءُ ماڳ پتيجي، چولري ۽ نرڙي آبگاهه سان پڻ ڳنڍيل آهي. هن آبگاهه جي ڪن مٿاهن هنڌن تي ڪجهه کاراڻ برداشت ڪندڙ ٻوڙا به ٿين ٿا.
هتان جا مقامي ماڻهو اتي مڇي مارين ۽ مال چارين ٿا. هي آبگاهه، سياري جي مند گذارڻ لاءِ ايندڙ پرديسي آبي پکين خاص طور تي مختلف قسم جي لاکي ڄاڃين (Greater and Lesser flamingo) ۽ پيئڻ (Dalmatian pelican) لاءِ اهم ماڳ آهن. لاکي ڄاڃي (Lesser flaming) ۽ پيئڻ (Dalmatian flaming) جو نسل هن وقت خطري ۾ آهي. ڇاڪاڻ ته، پرديسي پکين جي بي حساب شڪار سبب انهن جون ڪيتريون جنسون ۽ انگ گهٽجي ويو آهي. ٽائيڊل لنڪ ڪئنال جي اڏاوت کانپوءِ هن علائقي کي ايترو ته کارو پاڻي پائيندو رهيو آهي جو ان سبب تازي پاڻيءَ جي مڙني قسمن جي ساوڪ جي واڌ گهٽجي ويئي آهي. ان کانسواءِ هن علائقي جي گوناگون جيوت کي زرعي زمين جي وهي ايندڙ غلاظت پڻ تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

 


6. نرڙي لئگون (Nurri Lagoon)


تاريخ:

10.05.2001

عمودي - افقي ڦاڪون:

240 30 N, 0680 47`E

سمنڊ کان اوچائي:

50 ميٽر

پکيڙ:

2,540 هئڪٽر

صوبو:

سنڌ

نرڙي لئگون، بدين ضلعي جي گولاڙچي سب ڊويزن ۾ ڪراچيءَ کان 190 ڪلوميٽر جي پنڌ تي ڏکڻ اوڀر ۾ آهي. هيءَ هڪ قدرتي آبگاهه آهي. هن جي اترئين پاسي ۾ کارو ساحل ۽ زميني ٻاڙيون ڍنڍون ۽ ٺوٺ مڊفلئٽس جو ميلاپ، هن ڍنڍ جي نواڻ آهي. هت سياري جي مند ۾ سدائين پرديسي پکين جي مختلف قسمن جهڙوڪ: لقلق (Stroke) ، ڊُوم (Snipes) ، ڪانيرو (Crested terns) ، بدڪن (Duck) ۽ ڪينن (Gulls) جا تمام وڏا ولر اچي رهن ٿا.
نرڙي لئگون پاڻ ۾ ڳنڍيل، چئن تراکڙن آبگاهن تي مشتمل آهي. هت تمام گهٽ ساوڪ ٿئي ٿي. نرڙي لئگون جهٻي، پٽيجي ۽ چولري آبگاهن رستي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ۽ آخر ۾ ٽائيڊل لنڪ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هن لئگون جو پاڻي ٻاڙو آهي. هن علائقي ۾ سمنڊ پائيندي رهڻ سبب کاراڻ ۽ لٽ وڌندو رهي ٿو ته ويرن سبب پاڻي جي سطح ۾ به واڌارو ٿيندو رهي ٿو. هن ماڳ کي اڃان تائين تحفظ نه ڏنو ويو آهي. کٽندڙ قدرتي وسيلن ۽ وڌندڙ انساني انگ سبب هي آبگاهه خطري ۾ آهي. هت، گذريل ٻن ڏهاڪن دوران مڇي مارڻ ۽ ناجائز شڪار ۾ ڊرامائي واڌارو ٿيو آهي. ان کانسواءِ صنعتي ۽ زرعي غلاظت اهڙي صورتحال کي وڌيڪ بدتر ڪري ڇڏيو آهي.

 


7. ديهه آڪرو ‐ II ريگستاني ويٽ لئنڊ / آبگاهه ڪامپليڪس
DEH AKRO-II DESERT WETLAND COMPLEX

تاريخ:

05.11.2002

عمودي - افقي ڦاڪون:

260 50 N, 0680 20`E

سمنڊ کان اوچائي:

50 ميٽر

پکيڙ:

20,500 هئڪٽر

صوبو:

سنڌ

هيءُ آبگاهه، ڪراچيءَ جي اتر اوڀر ۾ 330 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي بينظير آباد ضلعي ۾ آهي. هي هڪ اهڙو پيچيده قدرتي آبگاهه آهي جنهن ۾ 36 ڍنڍون ۽ چئن مختلف قسمن جا چار ماڳ اچي وڃن ٿا جيڪي آهن: ريگستان، آبگاهه، مڃر / ڍورا (Marsh) ۽ زرعي زمين. هي پيچيده آبگاهه، ريگستاني آبگاهه ماحولي سرشتي جو هڪ اهڙو انوکو مثال آهي جيڪو ڪيترن قسمن جي ناياب ۽ خطري ۾ رهندڙ جهنگلي جيوت جي پالنا ڪري ٿو، ٿلهي ليکي، هي آبگاهه ٿڻائتن جي 18 کان وڌيڪ جنسن، سرندڙن جي 16 جنسن، مڇين جي 14 جنسن ۽ پکين جي 101 جنسن کي نپائي ٿو. ان کانسواءِ، 20,000 کان مٿي آبي پکين ۽ واڳن جي هڪ ننڍڙي انگ جي به پرورش ڪندو رهي ٿو. هي آبگاهه، ڪيترين قسمن جي مقامي مڇين جي پالنا ڪرڻ جو هڪ اهم ماڳ پڻ آهي. هي ريگستان، وارياسين ڀٽن ۾ وڻن ۽ ٻوٽن جي سٺيءَ طرح سان واڌ ڪرائيندڙ جي خاصيت رکندڙ پڻ آهي. هن ريگستان جي پسگردائي، آبپاشي رستي ٿيندڙ زرعي ٻارن ۽ ٽڪرن سان ڀريل ٿئي ٿي. هن آبگاهه جي جانورن ۾ آبي پکي، واڳون، لڌڙو ۽ مڇي ٿئي ٿي. جڏهن ته، ننڍي پئماني تي زراعت، گذر سفر لاءِ مڇي مارڻ، قدرتي وسيلن جي سکيا جا پروگرام ۽ سائنسي کوجنا جهڙا ڪم به هن آبگاهه تي ٿيندا رهن ٿا. 1998 ۾ هن آبگاهه کي جهنگلي جيوت جي رک قرار ڏنو ويو.

 


8. انڊس ڊيلٽا (Indus Delta)


تاريخ:

05.11.2002

عمودي - افقي ڦاڪون:

240 06 N, 0670 42`E

سمنڊ کان اوچائي:

0-0 ميٽر

پکيڙ:

472,800 هئڪٽر

صوبو:

سنڌ

هي ماڳ، ڪراچي جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٺٽي ضلعي ۾ آهي. انڊس ڊيلٽا، عربي سمنڊ ڪناري سان ٿيندڙ نباتات ۽ حيوانات جي جاگرافيائي ورڇ جي لحاظ کان قدرتي آبگاهه جو هڪ انوکو مثال آهي. هيءُ دنيا جو پنجون نمبر وڏو ڊيلٽا آهي، جيڪو گهڻي ڀاڱي خشڪ آبهوائي حالتن ۾ وجود ۾ آيو آهي. درياءَ جي گهڻي ڇوڙ، معتدل ويرن ۽ دنيا جي ڪنهن به نديءَ جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وير توانائي (Wave energy) جهڙيون خاصيتون رکندڙ آهي. وڃڻيءَ شِڪلي هن ڊيلٽا ۾ ڪيتريون کاڙيون (Estuaries) ، مڊ فلئٽس (Mud flats) ، سئنڊ فلئٽس (Sand flats) ، تمر جا پوسلي ماڳ، ڍورا (Marshes) ، خليج (Bay) ۽ ٽاڪرو سامونڊي ڪنارو موجود آهي.
تمر جا 129,000 هيڪٽرن تي پکڙيل ٻيلا آهن، جن ۾ گهڻي ڀاڱي تمر جو اويسينيا مئرينا قسم ٿئي ٿو. سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ، جملي تمر جو 97% هن آبگاهه ۾ ٿئي ٿو جيڪو دنيا ۾ تمر جو ستون نمبر وڏو ٻيلو سمجهيو وڃي ٿو. هي تمر نه رڳو ايتريءَ وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي، پر اهو هن خطي جي گوناگون جيوت جي قائم دائم هجڻ لاءِ به لازمي سمجهيو وڃي ٿو. جنهن ۾ خشڪ تمري ماڳ ۽ انهن جي جيوت به اچي وڃي ٿي. تمر جا هي ٻيلا ڪيترن قسمن جي آبي ۽ زميني جاندارن کي پناهه ڏين ٿا ۽ پرديسي پکي انهن ۾ واهيرو آهيرو ڪن ٿا.
هي ڊيلٽا، باقاعدگيءَ سان 60,000 پرديسي پکين جي پرورش ڪندو رهي ٿو. درياءَ جي سمنڊ ۾ ڇوڙ واريون کاڙيون ۽ تمر ڪيترين قسمن جي مڇين ۽ جهينگن لاءِ پرورش گاهون / نرسريون ٿين ٿيون جو اهي پنهنجي زندگيءَ جي شروعاتي واڌ ويجهه هن آبگاهه ۾ ئي ڪن ٿيون. انڊس ڊيلٽا جو پاڻي گهڻي ڀاڱي ٻاڙو ۽ کارو آهي. کاڙين جو پاڻي جيڪو اصل ۾ دريائي ۽ سامونڊي پاڻيءَ جي ملاوت ٿئي ٿو، رڳو انکي ئي تازي پاڻيءَ جو ماڳ سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن ته تمر جا ٻيلا، قدرتي طور تي کاڌ جو زور گهٽائيندڙ ۽ طوفانن جي تباهين کان بچائيندڙ ٿين ٿا. هتان جي آبهوا نيم گرم بحري (مئري ٽائيم)، ريگستاني خاصيتون رکندڙ ٿئي ٿي. 1972 کانوٺي انڊس ڊيلٽا جي ڪيٽي بندر، شاهه بندر ۽ ڪٽ منارڪي ڇڇ کي جهنگلي جيوت جون رکون يعني پناه گاهون قرار ڏنو ويو آهي.

 


9. ڪڇ جو رڻ (Runn of Katch)


تاريخ:

05.11.2002

عمودي - افقي ڦاڪون:

N, 0700 05`E

سمنڊ کان اوچائي:

10 ميٽر

پکيڙ:

566,375 هئڪٽر

صوبو:

سنڌ

هي آبگاهه، ٿرپارڪر ضلعي ۾ آهي جيڪو هڪ قدرتي ماڳ جي نمائندگي ڪندڙ ۽ مها ٿر ريگستان جو هڪ حصو آهي. هن ماڳ ۾ واريءَ جون مضبوط ڀٽون ٿين ٿيون. جن ۾ ڪيتريون ئي 170 ميٽر اوچيون ۽ موڪرين بين الڀٽن تراين سان، سرحد جي هن پار، مها ٿر ريگستان جي هڪ حصي طور انڊيا سان ملندڙ ٿين ٿيون جن ۾ دائمي ٻاڙا ڍورا (Permanent saline marshes) ، ساحلي کاريون ڍنڍون (Costal brackish lagoons) ، ويري مڊفلئٽس (Tidal Mudflats) ۽ کاڙين جا (Estuarine) ماڳ ٿين ٿا. هن آبگاهه جي ٽن قسمن ۾ ورهاست ڪري سگهجي ٿي: وارياسون ڀٽيون (Sand-dunal tract) ، ڪارونجهر جو جابلو سلسلو (Karunjhar hill range) ۽ ساحلي کارا پوسلي ڍورا (Costal saline Marshy tract) هي آبگاهه، گرم جهتري ٻيلن جي وارياسن ڀٽن (Tropical thorn forest sand dune vegetation zone) ۾ آهي.
نباتات ۾ ڪجهه وڻ ۽ ڪن قسمن جا ٻوٽا ٿين ٿا. جيڪي ناياب پکين جي لاءِ اجهو ۽ پناهه گاهه ٿين ٿا. هي ماڳ مقامي ۽ عالمي سطح تي خطري ۾ رهندڙ ڪيترن قسمن جي پکين ۽ ٿڻائتن جانورن جي سهائتا ڪري ٿو. لاکي ڄاڃين (Flamingos) کي کاڌو مهيا ۽ آبي پکين جي لاءِ سياري گذارڻ جو ماڳ ٿئي ٿو. هي آبگاهه باقاعدي 40,000 کان مٿي آبي پکين جي پرورش ڪريٿو. هتان جا پوسلي ڍورا (Marshy) ماڳ ڪيترن قسمن جي آبي پکين جهڙوڪ: چيڪلي / هراڙي (Common Teal) ، شيل ڍڪ (Shell Duck) ، نيرڳي (Mallard) ، ٿوراندي (Pochard) ، لاکي ڄاڃي (Flamingo) ۽ پيئڻ (pelicans) لاءِ موهيندڙ ٿئي ٿو. هتان جو زراعتي ماڳ جيئن ته مندن جو محتاج ٿئي ٿو ان سبب جهنگلي جيوت لاءِ دائمي موهيندڙ نه ٿو ٿئي. اهڙيءَ جيوت ۾ گهڻي ڀاڱي مور ۽ ٻي اناج چڳندڙ مقامي پکين جي ٿئي ٿي. 1980 ۾ هن ماڳ کي جهنگلي جيوت جي پناهه گاهه قرار ڏنو ويو.

 


10. حب ڊئم (Hab Dam)


تاريخ:

10.05.2001

عمودي - افقي ڦاڪون:

 250 15 N, 0670 07`E

سمنڊ کان اوچائي:

150 ميٽر

پکيڙ:

27,000 هئڪٽر

صوبو:

سنڌ / بلوچستان

حب ڊئم، سنڌ جي ڪراچي ۽ بلوچستان جي لسٻيلي ضلعي ۾ آهي. پاڻيءَ گڏ ڪرڻ جو اهو وڏو تلاءُ / رزروائر، ڪراچيءَ جي اتر ۾ خشڪ ميداني پٽ تي 1981 ۾ حب ندي تي ٺاهيو ويو هو. هي رزروائر، لسٻيلي ضلعي کي آبپاشيءَ لاءِ ته ڪراچي ضلعي جي رهواسين کي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪريٿو.
هن ماڳ تي آبي ساوڪ تمام گهڻي وڌي ويئي آهي. حب ڊئم کي حب نديءَ ۽ جابلو چشمن جو پاڻي ڀريندو رهي ٿو. هي آبگاهه ٽن پاسن کان ٽڪرين جي گهيري ۾ آهي. پاڻيءَ جي سطح نسبتاً تراکڙي ۽ انجي وڌ ۾ وڌ اونهائي 9.6 ميٽر ٿئي ٿي. هن علائقي جي آبهوا گهڻي خشڪ ۽ ساليانو سراسري طور تي، 200 ملي ميٽر کان به گهٽ مينهن پوي ٿو.
ٽواين (Grebes) ، پيئڻ (Pelicans) ، بدڪن (Ducks) ، ڪونجن (Cranes) ۽ آڙين (Coot) لاءِ واهيرڻ ۽ سياري گذارڻ جو هڪ اهم ماڳ آهي جيڪو 45,000 کان مٿي آبي پکين جي پرورش ڪري ٿو. هن وقت تائين هت پکين جون 128 جنسون ڏٺيون ويون آهن. هيءَ رزروائر مڇي جنهن ۾ مهاشير به شامل آهي حاصل ڪرڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي. جڏهن هن ڊئم ۾ پاڻيءَ جي سطح وڌي وڃي ٿي تڏهن منجهس ٻين به ڪيترن قسمن جي مڇي ٿئي ٿي.
هي رزروائر، 1972 ۾ حب ڊئم جهنگلي جيوت جي رک / پناهه گاهه قرار ڏيڻ کانپوءِ تحفظ هيٺ آهي.

 

Untitled Document Publications