هوم: (Home)
اڪثر پڇيا ويندڙ سوال FAQs
س 1. جي 200 (G200) ڇا آهي؟
ج. جي 200 ماحولي خطا سڏجي ٿو ڊبليو ڊبليو ايف جي ان عالمي پيش قدميءَ کي جيڪا هن تنظيم يونائيٽيڊ نيشنس انوائرمينٽ پروگرام (UNEP) برڊ لائيف انٽرنيشنل (BLI) ۽ نئشنل جياگرافڪ سوسائٽيءَ سان گڏجي هن ڌرتيءَ تي موجود اهڙن خطن جي سڃاڻپ ڪئي ۽ اهي متعارف ڪرايا جيڪي ماحولياتي اهميت رکندڙ ۽ گوناگون جيوت جي نمائندگي ڪندڙ آهن. سنڌو ماحولي خطو، دنيا جي 40 ترجيحي ماحولي خطن منجهان هڪ آهي. ڊبليو ڊبليو ايف - پاڪستان لاڳاپيل ڌرين جي صلاح ۽ سهڪار سان سنڌو ماحولي خطي جو هڪ اهڙو 50 ساله تصور سرجيو آهي ته جيئن انهن جي سانڍ لاءِ هڪ گڏيل عملي پروگرام هلائي سگهجي.
س 2. ماحولي خطو ڇا آهي؟
ج. ماحولي خطو سڏجي ٿو، زمين يا پاڻيءَ جي هڪ اهڙي وڏي خطي / علائقي کي جنهن ۾ جاگرافيائي لحاظ کان قدرتاً، انيڪ قسمن جا رهواسي / جاندار موجود ٿين ٿا ۽ اهڙي خطي ۾:
الف) |
”جاندارن جي مختلف قسمن / جنسن (Species) جي هڪ وڏي اڪثريت هڪ ٻئي سان گڏ رهي ٿي ۽ ماحولياتي سرگرمين ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿي؛ |
ب) |
اهي ساڳين ماحولياتي حالتن ۾ هڪ ٻئي سان ڀاڱي ڀائيوار ٿين ٿا ۽؛ |
ٻ) |
ماحولياتي لحاظ کان هڪ ٻئي تي اهڙو اثر ۽ تاثير ڪندڙ ٿين ٿا جيڪو سندن ڊگهي عرصي جي پائداريءَ لاءِ اهم ٿئي ٿو“. |
http://www.worldwidlife.org/scienco/ecorogions.cfm
س 3. ڇا اهڙو ڪو مخصوص معيار / ڪسوٽي آهي جنهن تحت ڪنهن خطي کي ’ماحولي خطو‘ قرار ڏنو وڃي ٿو؟
ج. ڪنهن به ماحولي خطي جي چونڊ هيٺئين ڪسوٽيءَ تي ڪئي وڃي ٿي:
س 4. ماحولي سرشتو ڇا آهي؟
ج: هڪ اهڙو طبعي ماحول، جتي ڪيترن مختلف قسمن جا جاندار هڪٻئي سان لهه وچڙ ۾ اچن ۽ پسگردائي ۾ هڪ اهڙي سٽاءَ سان سلهاڙيل هجن جيڪو ماحول لاءِ سونهندڙ ۽ مناسب هجي.
س 5. ماحولي سرشتا ڪيترن مختلف قسمن جا آهن؟
ج. سڄيءَ دنيا ۾ سوين قسمن جا ماحولي سرشتا موجود آهن جن جو مدار وسڪاري، آبهوا ۽ منجهس رهندڙ جانورن تي ٿئي ٿو. جڏهن ته ٿلهي ليکي، اهڙا مکيه اٺن قسمن جا آهن جنکي ’بايومس Biomes) ، هڪ اهڙو حياتي خطو جتي ٻوٽا ۽ جانور ان آبهوا سان ٺهڪي ويا هجن) سڏجي ٿو ۽ اهي سڄي دنيا ۾ ٿين ٿا. گهڻا ماحولي سرشتا هيٺين مان ڪنهن نه ڪنهن هڪ بايوم ۾ اچن ٿا.
سنڌو سڀني لاءِ پروگرام جي مثال ۾، اهڙن مکيه ماحولي سرشتن جي قسمن جو، انهن چئني ماڳن تي هلندڙ پروگرامن سان گڏ ڏنگين ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هڪ آبگاهه ۾ ڪيترائي ماحولي سرشتا ٿي سگهن ٿا: ڪينجهر (تازو پاڻي، زرعي، چراگاهه ۽ ٻيلا)؛ ڪيٽي بندر (ڊيلٽائي، جتي تمر ۽ ساحلي پٽَ واضح آهن؛ زرعي)؛ چوٽياريون (چراگاهه، ٻاڙو پاڻي، تازو پاڻي، ٻيلا، زرعي)؛ پَئي (ٻيلو، زرعي ۽ چراگاهه).
س 6. قدرتي ماحولي سرشتا انسانن لاءِ ڪيترا اهم آهن؟
ج. قدرتي ماحولي سرشتا، انسانن لاءِ به ايترائي اهم آهن جيترا اهي منجهن رهندڙ مختلف قسمن جي جاندارن لاءِ اهم ٿي سگهن ٿا. ڇو ته، اسانکي خبر آهي ته، ماحولي سرشتو سڏجي ٿو هڪ اهڙي سرشتي کي، جنهن ۾ جاندار پنهنجي طبعي ماحول ۾ هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿيندڙ هجن ٿا.
ماحولي سرشتن مان انسانن کي بيشمار فائدا ملندا رهن ٿا. منجهن موجود ڪيترن قسمن جا جانور ۽ وڻ ٽڻ اسان لاءِ ان سبب فائديمند ٿين ٿا جو انهن رستي نه رڳو کاڌ خوراڪ حاصل ٿيندو رهي ٿو ته ڪن طريقن سان دوائون ۽ ٻارڻ لاءِ ڪاٺي به ملي ٿي. تنهنڪري اسانکي اها اهم ڳالهه ذهن ۾ رکڻي پوندي ته انهن جو پائدار / معقول طريقي سان استعمال ڪرڻ گهرجي. ماحولي سرشتي ۾ موجود وسيلن جي ناپائدار / نامعقول طريقي سان استعمال ڪرڻ سان نه رڳو اسان قدرتي نعمتن کي تباهه ڪري ڇڏينداسين ته پنهنجن ايندڙ نسلن کي به انهن کان محروم ڪري سندن لاءِ جيئڻ جنجال ڪري ڇڏينداسين.
مختلف قسمن ۽ مخصوص خاصيتن هجڻ سبب انيڪ قسمن جا ماحولي سرشتا انسانن لاءِ ڪيترن لحاظن کان اهم ٿين ٿا. مثال طور؛ ساحلي ماحولي سرشتا ۽ تمر ڪيترن قسمن جي مڇين، گانگٽن، کيکڙن ۽ پکين سميت مختلف قسمن جي جانورن جي اسانجي فائدي لاءِ پرورش ڪندا رهن ٿا ته ساڳئي وقت ان علائقي کي سامونڊي طوفانن، ٻوڏن ۽ سمنڊ جي پائڻ کان به بچائين ٿا. اهڙن ماحولي سرشتن جي تباهيءَ جو مقصد نه رڳو کاڌ خوراڪ جي کوٽ ۽ پيٽ گذر جي وسيلن جي تباهي ته ساڳئي وقت سڄي انسانذات جي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ۾ به لاچاري ٿيندي.
ائين ٻيا به ڪيترائي مختلف ماحولي سرشتا اهڙا مثال ٿي سگهن ٿا جن جو انسان، زندگي گذارڻ لاءِ محتاج آهي ۽ اهي ساحلي ماحولي سرشتن جيترا اهم آهن.
س 7. اسانکي ماحولي سرشتن جو ايترو اُلڪو ڇو ڪرڻ گهرجي؟
ج. ان لاءِ ته، ماحولي سرشتا انسان جي بقا لاءِ هڪ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ماحولي سرشتا مڪمل هجن يا انهن جا ڪي حصا اهي قدرتاً پيدا ٿيندڙ وکر / مال (نعمتون) مهيا ڪن ٿا. جهڙوڪ: زراعت، مڇي ۽ ٻيلا وغيره. ساڳئي طرح سان اهو به ماحولي سرشتو آهي جيڪو جهنگلي جيوت جي انگ کي توازن ۾ رکي ٿو، تازو پاڻي جيڪو ڪنهن به گند غلاظت کان پاڪ صاف ٿئي ٿو ۽ ساهه کڻڻ لاءِ هوا جنهن ۾ ڪو به زهريلو مادو يا وکر موجود نه هجي اسان ساهه کڻڻ لاءِ استعمال ڪريون ٿا. صحتمند ماحولي سرشتن کانسواءِ ناممڪن ٿيندو ته زمين مان اناج اپائي سگهون ۽ دريائن يا سمنڊ مان مڇي ماري سگهون. جيڪڏهن هڪ دفعو به ڪو ماحولي سرشتو ڊانواڊول ٿي وڃي ٿو ته انکي بحال ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿئي ٿو جنهن جو آخرڪار نقصان انسان کي ئي ٿئي ٿو.
س 8. سنڌو ماحولي سرشتو ڇا آهي؟
ج. اصل ۾، سنڌو ماحولي سرشتو ڪيترن مختلف قسمن جي ماحولي سرشتن جو ميڙ ٿئي ۽ اهو سنڌو درياءَ سان سلهاڙيل ٿئي ٿو. سنڌو ماحولي سرشتو، ڏاکڻي پاڪستان جي سنڌ پرڳڻي ۾ آهي ۽ هيٺاهين سنڌو دريائي ترائي (Lower Indus River Basin) جوڙي ٿو.
سنڌو ماحولي سرشتي ۾ هيٺيان مکيه ماڳ موجود آهن:
اهڙو هرهڪ ماڳ، مختلف قسمن جي ماحولي سرشتن ۾ موجود گوناگون جيوت جي پالنا ڪندو رهي ٿو.
س 9. ڇا سنڌو ماحولي سرشتي جون ڪي مخصوص حدون به آهن؟
ج. سنڌو ماحولي سرشتو مڪمل يا ڪي قدر سنڌ جي 18 ضلعن؛ ٺٽي، بدين، حيدرآباد، دادو، بينظير آباد (اڳوڻو نوابشاهه)، سانگهڙ، خيرپور ۽ عمرڪوٽ ۾ پکڙيل آهي.
س 10. سنڌو سڀني لاءِ پروگرام ڇا آهي؟
ج. ’سنڌو سڀني لاءِ پروگرام‘، هڪ اهڙي پهرئين پنج ساله رٿا آهي جيڪا سنڌو ماحولي خطي جي سانڍڻ (Indus Eco-region Conservation Programme) لاءِ تيار ڪئي وئي آهي. سنڌ سرڪار جي رٿابندي ۽ ترقياتي کاتي ۽ لاڳاپيل ڌرين جي سهڪار سان تيار ڪيل هن پروگرام جو مقصد، سنڌو ماحولي خطي جي مالامال گوناگون جيوت جي سانڍ ڪرڻ آهي ته جيئن مقامي برادرين کي گذر سفر لاءِ حاصل ٿيندڙ سهولتن ۾ بهتري آڻي، رٿائون لاڳو ۽ اثرائتا فيصلا ڪري سگهجن، لاڳاپيل ڌرين جي صلاحيت وڌائي ۽ مائڪرو (مقامي ۽ برادرين جي سطح تي)، ميزو (ضلعي سطح تي) ۽ مئڪرو (صوبائي ۽ وفاقي سطح تي)، سطح تي اثرائتو ڄار پکيڙي سگهجي. هن پروگرام هلائڻ لاءِ ايمبسي آف د ڪنگڊم آف د نيڌر لئنڊس، پاڪستان دل سان مالي سهائتا ڪئي آهي. عملي طور تي هي پروگرام اپريل 2007 کان لاڳو ٿي چڪو آهي.
س 11. سنڌو ماحولي خطي جي سانڍ جو ڪهڙو مطلب آهي؟
ج. سنڌو ماحولي خطي جي سانڍ جو پروگرام، اصل ۾ هڪ ڊگهي مدي وارو سانڍ جو پروگرام ۽ هڪ اهڙو تخيل (50 ساله) آهي جيڪو هن ماحولي خطي جي گوناگون جيوت کي موجود خطرن کي ختم ڪرڻ لاءِ رچي راس ٿيو آهي. هن پروگرام جا هيٺيان مقصد آهن:
س 12. هي پروگرام پنهنجا مقصد ڪيئن حاصل ڪري سگهندو؟
ج. هن پروگرام جو مقصد، سنڌو ماحولي خطي جي مالامال گوناگون جيوت سانڍڻ لاءِ مقامي برادرين جي گذر سفر جي طور طريقن ۾ سڌارو، واڌارو آڻڻ، رٿائون لاڳو ڪرڻ ۽ اثرائتا فيصلا ڪرڻ لاءِ سرڪاري سطح تي واسطيدار کاتن کي شامل ڪري صلاحيت وڌائڻ لاءِ لاڳاپيل ڌرين جو مائڪرو (مقامي ۽ برادرين جي) ميزو (ضلعي) مئڪرو (صوبائي ۽ وفاقي) سطح تي اثرائتو ڄار پکيڙڻ آهي.
س 13 . اهو ڪهڙو طريقو آهي جنهن سان هڪ ئي وقت گذر معاش ۽ قدرتي وسيلن جون حالتون بهتر ڪري سگهجن ٿيون؟
ج. هن پروگرام هيٺ، اسان پنهنجن چئني ماڳن ۾ غربت ۽ ماحوليات جون موجوده ڪڙيون استعمال ڪندي نه رڳو پروگرام جون پنهنجون ڪمزوريون سڌارينداسين ته ذريعه معاش ۽ سانڍ جي سڌار لاءِ مخصوص ساٿي تنظيمن ۽ پروگرام جي ٻين ساٿارين جي سهائتا به حاصل ڪنداسين. غربت ۽ ماحول جي لاڳاپن جون ڪڙيون هن لحاظ کان موثر ٿين ٿيون:
تجربن مان ثابت ٿيو آهي ته جيئن جيئن حقي آمدني گهٽجي وڃي ٿي تيئن تيئن ماحول کي تباه ڪندڙ مشغوليون تمام گهڻيون وڌي وڃن ٿيون. ائين جڏهن ڪنهن هڪ علائقي جو ماحول تباهه ٿئي ٿو ته اهڙيون مشغوليون هميشه ٻين ماحولياتي نازڪ علائقن ڏانهن وڌي وڃن ٿيون. ان ڏس ۾، جڏهن به ڳوٺن جي ويڙهي ۽ انهن جي ماحولي سرشتي جي مخصوص لاڳاپن جي ڄاڻ پوندي ته هي پروگرام ڪيترن سطحن تي ڪم ڪرڻ شروع ڪندو. ان لاءِ سڀ کان اول، پروگرام جون پنهنجون سرگرميون بهترين هدف واريون هونديون، جهڙوڪ جتي جتي اشد ضرورت ٿيندي اتي باڪفايت چلها مهيا ڪيا ويندا. ٻيو، رٿائن جي سوڌ سنوار ڪئي ويندي ۽ ٽيون، هي پروگرام اهڙن لاڳاپن بابت معلومات استعمال ڪرڻ سميت غربت - ماحول جي نشانين بابت تمام سولن لفظن ۾ ڄاڻ ڏيندو ۽ نشاندهي به ڪندو رهندو ته جيئن وسيلن ۽ انهن جي ڪردار (ڀائيوارن سميت) کي واضح ڪري هن پروگرام جا مقصد ماڻي سگهجن.
س 14. ڇا پروگرام جي شروعات مختلف ڌرين سان ڪئي ويندي؟
ج. اڳـ۾ ئي واضح ڪيو ويو آهي ته، هي پروگرام ان نيت سان نافذ ٿي رهيو آهي ته جيئن سڀني ڌرين جو هر سطح تي هڪ اثرائتو ڳانڍاپو قائم ڪري سگهجي. ان سلسلي ۾ جيئن ته، شروعات جي موذون مرحلن ۾ ئي برادرين کي شامل ڪيو ويو آهي تيئن مقامي، صوبائي کاتن يا انهن جي نمائندن کي پڻ شروعاتي مرحلن ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
مٿئين سطح تي هن پروگرام تي، سنڌو ماحولي سرشتي جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي (IESC) نظر رکندي ۽ نگراني ڪندي جنهن جو سربراهه سنڌ سرڪار جي رٿا ۽ ترقي جي کاتي جو ائڊيشنل چيف سيڪريٽري هوندو. ان ۾ سرڪار ۽ شهري تنظيمن جي مکيه ڌرين جي نمائندگي به هوندي. سنڌو ماحولي سرشتي جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي جي سهائتا لاءِ سنڌو ماحولي خطي جي اسٽيئرنگ ڪاميٽيءَ جي هڪ سب ڪاميٽي اڳـ۾ سرگرم آهي.
جڏهن ته ضلعي سطح تي ٺٽي، بينظير آباد ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ ٽي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ۽ صلاحڪار ڪاميٽيون ٺاهيون ويون آهن ته جيئن ضلعي / لوڪل گورنمينٽ کي ماڳ سطح (سر زمين) تي شامل ۽ مشغول ڪري سگهجي.
ڊي سي سي جو مقصد شهري تنظيمن، ڏاهن، عوامي نمائندن ۽ تعليمي ادارن جي وچـ۾ هڪ مربوط سلسلو قائم ڪرڻ آهي. ڊي سي سي جي اڳواڻي، لاڳاپيل ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر پنهنجن ميمبرن سميت ڪن ٿا، جيڪي سرڪاري آفيسرن ۽ تعليمي ادارن جا نمائندا ٿين ٿا.
س 15. ڇا هي پروگرام ڌرين جي صلاحيت وڌائڻ ۾ مدد ڪريٿو؟
ماڳ سطح تي رٿيل مشغوليون نافذ ٿيڻ دوران، پروگرام وٽ اهو به تصور آهي ته اهم (Key) ڌرين جي صلاحيت وڌائجي ته جيئن اهي ان ماحولي خطي جي قدرتي وسيلن جي اثرائتي انداز ۾ سار سنڀال لهي ۽ سانڍ ڪري سگهن.
ان لحاظ کان تنظيم جي مجموعي صلاحيت جو تجزيو ڪرڻ ۽ اهم تنظيمن ۾ ڪم ڪندڙ فردن کي مئڪرو، ميزو ۽ مائڪرو سطح تي گهربل سکيا ڏيڻ جي ضرورتن کي يقيني بڻائڻ لاءِ هن پروگرام هيٺ ٽريننگ نيڊس اسيسمينٽ (TNA) مشقون ڪرايون وڃن ٿيون. ان سلسلي ۾ هڪ مناسب طريقو ۽ خاڪو اڳـ۾ ئي جوڙيو ويو آهي ته جيئن ان تنظيم جي صلاحيت وڌائڻ جي ضرورتن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ڏسجي ۽ ان آهر ڪجهه سکيائون به ڏنيون ويون آهن. جڏهن ته، ان ڏس ۾ اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي.
س 16. سنڌو ماحولي سرشتي ۾ ٿيندڙ گوناگون جيوت جي ڪيئن وضاحت ڪندو؟
ج. سنڌو ماحولي سرشتي جو گهڻو حصو خشڪ ته، سامونڊي ڪنارو گرم آهي. جيتوڻيڪ خشڪ ماحولي سرشتن ۾ عام طور تي ڪا به جاندار رهي نٿي سگهي پر تنهن هوندي به سنڌو ماحولي سرشتو، گوناگون جيوت سان مالامال آهي. ڇاڪاڻ ته، گهڻي ڀاڱي سنڌو درياءُ ڪيترن مختلف قسمن جي جوئين ۽ ماڳن جي پالنا ڪندو رهي ٿو جن ۾ دريائي ٻيلا وڌ ۾ وڌ اهم ٿين ٿا. ڪيترائي ٿڻائتا جانور جهڙوڪ: جهنگلي مرون، ڦاڙهو ۽ سيهڙ هن ماحولي خطي جي دريائي ٻيلن ۾ ته، سهو ۽ هرڻ ريگستان ۾ ٿئي ٿو. هڪ اهڙو ٻيو سنڌو درياءَ جو وڌ ۾ وڌ مشهور ٿڻائتو جانور، انڌي ٻلهڻ (Blind Dolphin) آهي، جيڪا هتان جي مقامي آهي ۽ آهستي آهستي انجي انگ ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي. ان کانسواءِ، هي ماحولي خطو ڪيترن ديسي مڇين سان به مالامال آهي، جنهن ۾ پلو (Hilsa) به آهي جيڪو پنهنجي سواد سبب ديسان ديس مشهور ۽ بنگلاديش جي قومي مڇي آهي. پاڪستان ۾ ٿيندڙ سڀني پکين جو 1/3 سنڌو ماحولي خطي ۾ ٿئي ٿو جن ۾ وڌ ۾ وڌ خطري ۾ رهندڙن ۾ ڊگوش (Marbled Teal) ۽ چڪچڪو (Sindh warbler) شامل آهن. هر سال هزارين پکي هن ماحولي خطي ۾ ڊاٻي ڪرڻ لاءِ اچن ٿا. جڏهن ته ٻين اهم جهنگلي جنسن ۾ واڳونءَ سميت ڪيترائي سرڻا ۽ جل ٿل واسي به شامل آهن.
هي علائقو قسمين قسمين وڻ ٽڻن / نباتات سان پڻ مالامال آهي. سنڌو سڀني پروگرامن هيٺ سال 2006- 2007 ۾ ڪيل هڪ سائنسي اڀياس مطابق، هتي نباتات جي 71 فيمليز / ڪٽنبن جون 359 اسپشيز / جنسون موجود آهن. انهن مان 13 اسپشيز يا ته پهريون پهريون ڀيرو رڪارڊ ڪيون ويون آهن يا گهڻي زماني کانپوءِ نئين سر لڌيون ويون آهن. انڊس فار آل پروگرام جي چئن مان ٻن ماڳن مان ٽي اهڙيون به اسپشيز / جنسون لڌيون ويون آهن جيڪي سائنسي دنيا لاءِ بلڪل نيون آهن. هن سائنسي اڀياس مان اها خبر پيئي آهي ته، تاريخي طور تي اهڙين ڏهن اسپشيز جو ذڪر ڪيو ويندو هو جيڪي اصلي سنڌ ۾ ٿيندڙ هيون جن مان ٻه بدقسمتيءَ سان هاڻ ناپيد ٿي چڪيون آهن.
س 17. سنڌو ماحولي سرشتي يا سنڌو ماحولي سرشتي جي سانڍ لاءِ مونکي ڪنهن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ گهرجي؟
ج. ان لاءِ توهان هن ائڊريس تي رابطو ڪري سگهو ٿا: mzkhan@wwf.org.pk
س 18. فرينڊس آف انڊس فورم ڇا آهي؟
فرينڊس آف انڊس فورم، جاندارن جي بقا ۽ بچاءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙن، ڏاهن ۽ فطرت سان جذباتي لڳاءَ رکندڙن لاءِ جيڪي گڏيل فطرتي ورثي، گوناگون جيوت ۽ سنڌو درياءَ سان سلهاڙيل وسيلن جي بچاءُ لاءِ ڪوشان رهن ٿا تن لاءِ هڪ صلاحڪار ۽ تائيدي پليٽ فارم آهي. هن فورم جو مقصد انهن گهڻن عنصرن لاءِ اپاءَ وٺڻ آهي، جن قدرتي ماحولي سرشتن لاءِ بيشمار خطرا پيدا ڪيا آهن جن سبب جاندار جنسن جو ڏينهون ڏينهن جيئڻ جنجال ٿيندو پيو وڃي ۽ جن ماڻهن جي جياپي جو مدار گوناگون جيوت ۽ قدرتي وسيلن تي آهي اهي، آهستي آهستي بک، بدحالي ۽ مايوسي ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن.
قدرتي وسيلن جي تباهيءَ جي اڻ کٽ سلسلي سبب، هن ماحولي خطي ۾ گذريل چئن سالن دوران پيدا ٿيندڙ غربت بدتر ٿي وئي آهي. اهڙي لاڙي سبب تمام ضروري ٿي پيو آهي ته سڀ کان اڳـ۾ غربت روڪڻ لاءِ اپاءَ وٺجن ۽ پوءِ قدرتي وسيلن جي موجوده صورتحال کي ماحولياتي گوناگونيت ۽ ماحولي خطي جي مالاماليت کي بحال ڪجي. جيتوڻيڪ اهو هڪ جبل جيڏو ڪم آهي ۽ ان سلسلي ۾ گهڻين للڪارن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو آهي، ذميوار ڌريون گهڻيون آهن، فطرت پاران به خطرا پيدا ٿي رهيا آهن ۽ انسانن کانسواءِ انهن جا پڻ جيڪي مقامي، قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي پيدا ٿي رهيا آهن پر تنهن هوندي به ان کان اڳـ۾ جو گهڻي دير ٿي وڃي، وک وڌائڻي ئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ هيٺين مقصدن ماڻڻ لاءِ سنڌوءَ جي سڄڻن ’فرينڊس آف انڊس فورم‘ قائم ڪيو آهي.
مول متا:
سانڍ جا ضابطه
س 19. ڇا فرينڊس آف انڊس فورم جو اهڙو ڪو خاڪو يا ويب سائيٽ موجود آهي؟
ج. ها، اهڙو ويب سائيٽ موجود آهي. ان لحاظ کان ته جيئن هڪٻئي سان آن لائين مفيد لاڳاپا ۽ صحتمند بحث مباحثو ڪري سگهجي، فرينڊس آف انڊس فورم جو هڪ ويب- پورٽل (web-portal) به ٺاهيو ويو آهي. آن لائين فورم، دلچسپي رکندڙن کي هڪ سٺو پليٽ فارم مهيا ڪريٿو، دلچسپي رکندڙ فرد پاڻ ”فرينڊس آف انڊس“ فورم جا ميمبر ٿي ساڳي سوچ رکندڙن سان ماحولي خطي جي مسئلن لاءِ لهه وچڙ ۾ اچي سگهن ٿا.
س 20. ڇا هن فورم جي رڪن / ميمبر ٿيڻ لاءِ ڪي شرط آهن؟
ها. ڪجهه اهڙيون ڪسوٽيون موجود آهن جن تحت هن فورم جو ميمبر ٿي سگهجي ٿو. 18 سالن کان وڏي عمر جو هر فرد جنهنکي عام طور تي قدرتي وسيلن جي سانڍ جو شوق ۽ خاص طور تي سنڌو ماحولي خطي سان دلچسپي هجي هن فورم جو ميمبر ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن توهان به اهڙي معيار تي پورا لهو ٿا ته وڏي شوق سان هن فورم جا ميمبر ٿي سگهو ٿا.
س 21. هن فورم جو ميمبر ٿيڻ جو ڪهڙو طريقو آهي؟
ج. هن فورم جي ميمبر ٿيڻ جا ٻه طريقا آهن. ان لاءِ يا ته آن لائين ميمبر ٿيو يا فورم جي ڏنل ائڊريس تي لک پڙهه ڪريو.
آن لائين ميمبر ٿيڻ لاءِ فورم جي لاڳاپيل لنڪ تي اچي ڏنل هدايتن تي عمل ڪريو يا هيٺئين ائڊريس تي لاڳاپو ڪريو.
محمد ظفر خان
مئنيجر ڪميونيڪيشن ائنڊ انوائرنمينٽل ايجوڪيشن
انڊس فار آل پروگرام، ڊبليو ڊبليو ايف ‐ پاڪستان
ٽيليفون: 4544791- 21- 92+
فئڪس: 4544790- 21-92+
اِي ميل mzkhan@www.org.pk
لک پڙهه رستي ميمبر ٿيڻ يا فرينڊس آف انڊس فورم بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ مهرباني ڪري هيٺين ائڊريس تي رابطو ڪريو:
ناصر علي پنهور
پروگرام ڪوآرڊينيٽر، ڊبليو ڊبليو ايف ‐ پاڪستان
606 ‐ 607 فارچون سينٽر
بلاڪ ‐ 6 پي اِي سي ايڇ ايس
مئن شاهراهه فيصل
ڪراچي، پاڪستان
ٽيليفون: 2134544791- 92 +
2134544792- 92 +
فئڪس: 2134544790- 92 +
News Archives Upcoming Events Request for Proposals |
|