Untitled Document

گلوبل 200 ماحولي خطا (Global 200 Ecoregions)

 


گلوبل 200 مان مراد آهي، هن ڌرتيءَ تي حياتياتي لحاظ کان موجود وڌ ۾ وڌ انوکا زميني، تازي پاڻيءَ ۽ سامونڊي پاڻيءَ جا ماحولي سرشتا. هن ڌرتيءَ تي موجود زميني ۽ سامونڊي ماحولي سرشتن سميت هڙني قسمن جي جوئين ۽ ماڳن جو اهو پهريون تقابلي اڀياس آهي، جنهن رستي عالمي سطح تي گوناگون جيوت جي سانڍ ۽ بچاءَ جو هڪ تفصيلي خاڪو جوڙيو ويو آهي. اها سال 1997 جي ڳالهه آهي جڏهن ورلڊ وائيڊ فنڊ فار نيچر (ڊبليو ڊبليو ايف) ڪن ٻين سائنسي ادارن جهڙوڪ: يونائيٽيڊ نيشنس انوائرنمينٽ پروگرام (UNEP) ، برڊ لائيف انٽرنيشنل (BLI) ۽ نئشنل جيوگرافڪ سوسائٽي (NGS) جي سهڪار سان گلوبل 200 پروگرام هيٺ ڪيل سائنسي ڇنڊ ڇاڻ ڪري 238 ماحولي خطن جي سڃاڻپ ڪئي. جيڪي پاڻيءَ يا زمين جا اهڙا شاهي حصا ٿين ٿا جن ۾ جاگرافيائي لحاظ کان انيڪ قسمن جا جاندار، قدرتي رهواسي، ماحولي حالتون، قدرتي وسيلا ۽ سماجي اقتصادي حالتون اهي بنياد ٿين ٿا جن سبب ڪنهن به ماحولي سرشتي جي سڌاري ۽ سانڍ، عملي رٿائن جوڙڻ ۽ گوناگون جيوت جي جياپي، اهميت ۽ افاديت کي ڊگهي نظر سان ڏسندي اهڙا پروگرام هلايا وڃن ٿا.

Untitled Document Publications