Untitled Document

31 مئي 2011

حيدرآباد ۾ سنڌ فاريسٽ ايڪٽ 1927 جي نظرثاني لاءِ ڪوٺايل مشاورتي ورڪشاپ

حيدرآباد، 31 مئي: حيدرآباد ۾ ٻيلي کاتي پاران انڊس فار آل پروگرام جي سهڪار سان 1927 جي سنڌ جي ٻيلن واري ايڪٽ جي نظر ثاني لاءِ مشاورتي ورڪشاپ ڪوٺايو ويو. ان موقعي تي ٻيلي کاتي جي چيف ڪنزرويٽر مير نادر علي ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته ٻيلن جي بهتر انتظام ڪاري لاءِ مقامي آبادين جي شرڪت تمام ضروري آهي ۽ ٻيلن تي ڀاڙيندڙ مقامي ماڻهن جي ضرورتن جي پورائي جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ٻيلن تي قبضا گيري وارو مسئلو هڪ اهم مسئلو بڻيل آهي ۽ ان متعلق ڪيترائي ڪيس عدالتن ۾ پيل آهن جيڪي نبري نه سگهيا آهن. هن اهو به  چيو ته ڪمزور قانوني سرشتي جي ڪري ٻيلو کاتو ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ڪارگر نتيجا حاصل ڪري نه سگهيو آهي. ان سلسلي ۾ مير نادر علي ٽالپر اها تجويز پڻ ڏني ته ڪيسن کي جلد اڪلائڻ لاءِ ٻيلا ڪورٽون قائم ڪيون وڃن. هن اها اميد به ڏيکاري ته ٻيلن متعلق 1927 واري ايڪٽ جي نظر ثاني سان ٻيلن جي انتظام ڪاري ۾ جديد تصورن کي هٿي وٺرائي سگهجي ٿي ۽ مثبت نتيجه حاصل ڪري سگهجن ٿا. ان موقعي تي ڊبليو ڊبليو ايف جي پروگرام ڪوآرڊينيٽر ناصر علي پنهور چيو ته گڏيل مشاورتي عمل ۾ 1927 واري سنڌ جي ٻيلن بابت جوڙيل ايڪٽ لاءِ مختلف ڌرين جي راءِ شامل  ڪرڻ ضروري آهي .هن اهو پڻ چيو ته مقامي آبادي جي شرڪت کان سواءِ ٻيلن جو تحفظ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي، هن وڌيڪ چيو ته ڊبيلو ڊبليو ايف سنڌ ٻيلي کاتي جي هر ممڪن مدد ڪندو ۽ ان سلسلي ۾ ٻيلن جي انتظام ڪاري بابت عالمي تجربن ۾ ڄاڻ فراهم ڪندو. هن اهو پڻ چيو ته ڊبليو ڊبليو ايف 1972 جي سنڌ  وائلڊ لائيف آرڊينينس جي نظرثاني ۾ به ڪافي مدد فراهم ڪئي آهي.

ان موقعي تي ڊاڪٽر غلام رسول ڪيريو چيو ته 1927 وارو سنڌ فاريسٽ ايڪٽ  84 سال پراڻو آهي ۽ ان ۾ تمام گهٽ ترميمون ڪيون ويون آهن، هن اهو پڻ چيو ته ٻيا صوبا پنهنجن قانونن ۾ ترميمون ڪري چڪا آهن پر سنڌ صوبو پوئتي رهجي ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته موجوده ايڪٽ زميني حقيقن تي پورو نه ٿو لهي ان ڪري سنڌ جا ٻيلا تيزي سان ختم ٿي رهيا آهن.

ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪنزويٽر فاريسٽ محترم رياض وڳڻ چيو ته ٻيلن جي بهتر انتظام ڪاري ذريعي اسين غربت کي گهٽائي سگهون ٿا. هن اهو پڻ چيو ته موجوده ايڪٽ مدي خارج بڻجي چڪو آهي. ان ڪري اسان کي اهڙن اپائن وٺڻ جي ضرورت آهي جنهن سان سنڌ ۾ ٻيلن جو تحفظ يقيني بڻجي سگهي ۽ انهن کي وڌيڪ ايراضي تائين ڦهلائي سگهجي.

هن ورڪشاپ ۾ بين الاقوامي ۽ مقامي اين جي اوز جي نمائندن ۽ ٻيلي کاتي جي آفيسرن کان علاوه ٻيلن ۽ جهنگلي جيوت جي کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري اعجاز نظاماڻي، آءِ يو سي اين جي غلام قادر شاهه، ڊبيلو ڊبيلو ايف جي اميد خالد، غلام مصطفى شيخ، منير اعواڻ، محبوب ڀٽي، ظفر ٽالپر، لالا فضل، صادق مغل ۽ عرفان شيخ پڻ پنهنجا ويچار ونڊيا.

Untitled Document Publications