Untitled Document

31 مارچ 2011

انڊس ايڪوريجن اسٽيئرنگ ڪميٽي جي ماتحت ڪميٽي جي ٻارهين گڏجاڻي


انڊس ايڪوريجن اسٽيئرنگ ڪميٽي جي ماتحت ڪميٽي جي ٻارهين گڏجاڻي 31 مارچ تي سنڌ  جي ٻيلي ۽ جهنگلي جيوت واري کاتي جي سيڪريٽري جي آفيس ۾ منعقد ٿي، جنهن جي صدارت سيڪريٽري ٻيلا ۽ جهنگلي جيوت جناب مشتاق علي ميمڻ ڪئي. ان ماتحت ڪميٽي جو بنيادي مقصد ڊبليو ڊبليو ايف جي انڊس فار آل پروگرام جي منصوبي جي رهنمائي ۽ ان ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ آهي.

انڊس فارآل پروگرام جي مينيجر پاليسي محترمه خديجه ظهير انڊس ايڪوريجن اسٽيئرنگ ڪميٽي جي
 ما تحت ڪميٽي جي ٻارهين گڏجاڻي کي گذريل اجلاس ، جيڪا 10 آگسٽ 2010 تي ٿيوهو، ۾ ڪيل فيصلن تي ورتل اپائن متعلق آگاهي ڏني.

پروگرام جي ڪوآرڊينٽر جناب ناصر علي پنهور پڻ انڊس فارآل پروگرام جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي. هن چيوته انڊس فارآل پروگرام تحت شروع ڪيل نيچرل ريسورس مينئجمينٽ ۽ لائيوليهڊ ڊولپمينٽ وارا منصوبا چئن ماڳن ڪيٽي بندر، ڪينجهر ڍنڍ، چوٽياريون ويٽلينڊ ڪا مپليڪس ۽ پئي ٻيلو ۾ جاري آهن.
هن وڌيڪ چيو ته پئي ٻيلي ۾هوگ ڊيئر سينڪچوري ۽ مشاهداتي هٽ قائم ڪيا ويا آهن جتي، ڦاڙن جو جوڙو رکيو ويندو ته جيئن انهن جي نسل ۽ ماڳ متعلق مطالعو ڪري سگهجي.
جناب ناصر علي پنهور گڏجاڻي کي اهو پڻ ٻدايو ته ڪيٽي بندر ۾ ڪميونٽي سطح تي جهينگن ۽ ڪوڪن جا ماڊل فارم قائم ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه، پروگرام جي ٻن اهم ماڳن ڪينجهر ڍنڍ ۽ چوٽياريون ويٽلينڊ ڪ مپلڪيس ۾ معلوماتي ۽ ماحولي مرڪز پڻ قائم ڪيا ويا آهن.
پروگرام ڪوآرڊينيٽر ناصر علي پنهور انڊس فار آل پروگرام جي مختلف سرگرمين جهڙوڪ سي بي اوز جي تربيت، ماحولياتي جاڳرتا مهم، پارٽنرشپ فنڊ، ٺٽي ۽ دادو ۾ شروع ڪيل فلڊ رليف وارين سرگرمين متعلق پڻ گڏجاڻي کي آگاهي ڏني.
اندس فار آل پروگرام جي پاليسي اينيلسٽ جناب الطاف شيخ گڏجاڻي کي اهم ماحولياتي مسئلن تي بريفنگ ڏني، جن ۾ چوٽيارين جي علائقي ۾ ٻيلن جي واڍي ۽ چوٽياري ويٽلينڊ ڪمپليڪس وارن علائقن ۾ سم ۽ ڪلر شامل هئا.
گڏجاڻي ۾ سنڌ منصوبابندي ۽ ترقياتي کاتي جي سنيئر چيف واٽر ۽ ڊرينج جناب فضل نظاماڻي، ڊائريڪٽر جنرل فشريز جناب غلام محمد مهر، سنڌ وائيلڊلائيف ڊپارٽمينٽ جي ڪنزرويٽر جناب سعيد بلوچ، اي ڊي او ورڪس ۽ سروسز ٺٽو جناب شفيق الرحمان، اي ڊي او زراعت سانگهڙ جناب نواب قريشي، انوائرمنٽ پروٽيڪشن ايجنسي جي ڊائريڪٽر جناب وقار احمد ڦلپوٽو ۽ غيرسرڪاري تنظيم ٽي سي سي آر جي مهرمارڪر ۽ شرڪت گاهه جي غوث پيرزادي پڻ شرڪت ڪئي.

Untitled Document Publications