Untitled Document

 

2010 30 ڊسمبر

انڊس فار آل پروگرام جو چوٿون ساليانو اجلاس


حيدرآباد، (30 ڊسمبر): ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان جي انڊس فار آل پروگرام جي چوٿون پلاننگ ۽ نيٽورڪنگ وارو ساليانو اجلاس حيدرآباد جي هڪ مقامي هوٽل ۾ٿي گذريو، جنهن ۾ سال 2010 دوران ان پروگرام تحت جاري ۽ مڪمل ڪيل مختلف منصوبن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ سال 2011 لاءِ پڻ منصوبه بندي ڪئي وئي.    

 

سنڌ جي ناميارن ماحولياتي ماهرن، محققن، تعليمدانن، صوبائي حڪومت جي مختلف محڪمن ۽ سول سوسائٽي جي اڳوڻن ان سالياني گڏجاڻي ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي.

 

هن پروگرام ۾ سنڌ جا ماحولياتي ماهرن، سماجي اڳواڻن، محققن ۽ تعليمدانن ان ڳالهه تي متفق هئا ته تعليم جي گهٽتائي ۽ ماحوليات بابت آگاهي جو گھٽ يا نه هجڻ ماحوليات جي تيزي سان بگڙجڻ جا اهم سبب آهن. جيسيتائين انهن رڪاوٽن تي قابو نه پائبو، ماحولياتي مسئلن کي حل نه ٿو ڪري سگهجي.

 

سنڌ جي پاور واري وزير محترمه شازيه مري ان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اها تمام افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان ماحوليات ۽ قدرتي وسيلن مان انيڪ فائده حاصل ڪريون ٿا پر انهن جي تحفظ لاءِ  مناسب اپاءَ وٺڻ ۾ لاپرواهي جو مظاهرو ڪري رهيا آهيون، جنهنجي ڪري ڪيترن ئي مسئلن ۽ بيمارين جنم ورتو آهي. اسان جو اهڙو رويو قدرتي آفتن جو پڻ سبب بڻجي رهيو آهي.  

 

ماحوليات جي تحفظ لاءِ سيڙپڪاري جي ضرورت تي ڳالهائيندي، هن چيو ته ماحوليات جي تحفظ ۽ ان جي ترقي لاءِ سيڙپڪاري هڪ بهترين عمل ۽ وقت جي اهم ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته صحتمند ماحول ۽ تندرست حياتيءِ جو دارومدار آلودگي کان پاڪ ماحول تي ئي منحصر آهي.

 

شازيه مري وڌيڪ چيو ته ڪوٽري بئراج جي هيٺائين وارن علائقن ۾ گهربل پاڻي نه اچڻ ڪري ماحولياتي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي ۽ ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ڪجهه ماڻهو انهن هيٺائين وارن علائقن ۾ تازي پاڻي جي ڇوڙ کي زيان سمجهن ٿا. حقيقت ۾، انڊس ڊيلٽا ۾ تازي پاڻي جو ڇوڙ لازمي فطرتي ضرورت، زمين کائيندڙ سمنڊ ۽ انجي نتيجي ۾ ٿيندڙ ماحولياتي نقصان کي روڪڻ  ۽ ڊيلٽا جي سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ بيحد ضروري آهي.

 

ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان جي انڊس فار آل پروگرام جي ٽيم جي ساراهه ڪندي هن چيو ته ان غيرسرڪاري اداري پاران ماحولياتي آگاهي ۽ ان جي تحفظ لاءِ مختلف ڪوششون نه فقط ساراهه جوڳيون آهن پر ٻين لاءِ هڪ مثال  پڻ آهي.      

 

شازيه مري پنهجي خطاب ۾ چيو ته موجوده پي پي پي حڪومت  ماحولياتي مسئلن تي قابو پائڻ ۽ قدرتي وسيلن جي تحفظ لاءِ ڀرپور ڪوششون وٺي رهي آهي.  ان سلسلي ۾ هن سرڪاري، غيرسرڪاري ادارن ۽ ميڊيا کي ان سلسلي ۾ گڏجي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اپيل ڪئي.

 

انڊس فار آل پرگرام جي ڊائريڪٽر جناب ربنواز پنهنجي خطاب ۾ هن سالياني گڏجاڻي جي مقصدن بابت ڳالهائيندي چيو ته هن پروگرام جو خاص مقصد 2010 جي ڪارڪردگي ٻدائڻ سان گڏوگڏ 2011 سال جي لاءِ منصوبابندي ڪرڻ پڻ آهي، ته جيئن انڊس فار آل پرگرام کي ماحول ۽ قدرتي وسيلن جي تحفظ واري مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي.

 

جناب ربنواز سنڌ ۾ تازي آيل ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ ماحولي تباهين تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته سڀ کان وڌيڪ نقصان ٻيلن ۽ جنگلي جيوت کي رسيو آهي، تنهنڪري انهن جي وقتائتي بحالي انهن جي تباهي جي ڪري ٿيندڙ نقصانن جي شدت کي گهٽائڻ لاءِ تمام ضروري ۽ اڻٽر آهي. هن چيو ته آيل ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ ماحولي نقصانن جو ازالو ڪرڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

 

 انڊس فار آل پرگرام جي پروگرام ڪوآرڊينيٽر ناصر علي پنهور ان پروگرام جي مقصدن ۽ ان جي تحت چار اهم ماڳن ڪينجهر ڍنڍ، ڪيٽي بندر، پئي ٻيلو ۽ چوٽياريون ويٽلينڊ ۾ مقامي سماجي تنظيمن جي مدد سان انهن علائقن جي ماحول، جنگلي جيوت ۽ قدرتي وسيلن جي تحفظ لاءِ شروع ڪيل مختلف منصوبن تي تفصيلي ڳالهايو.

 

جناب ناصر علي پنهور سنڌو ماحولي خطي جي اهميت تي ۽ ان جي مختلف پهلوئن جي اهميت تي روشني وڌي ۽ انهن چار اهم ماڳن جي چونڊ جي مقصدن ۽ ضرورتن تي پڻ ڳالهايو.

 

پرگرام جي ڪوآرڊينيٽر پنهنجي خطاب ۾ ٻڌايو ته انهن چار اهم ماڳن ۾ مقامي سماجي تنظيمن جي مدد سان انهن علائقن جي ماڻهن ۾ مختلف پروگرامن ذريعي ماحولي تبديلن ۽ قدرتي وسيلن جي تيزي سان ناپيد ٿيڻ ڪري ٿيندڙ ماحولياتي، سماجي ۽ معاشي نقصانن جي مطلق آگاهي پيدا ڪئي پئي وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ مختلف منصوبا شروع ڪيا ويا آهن، جنهن مان ڪيترائي مڪمل ٿي چڪا آهن.

 

گڏجاڻي کي  انڊس فار آل پرگرام جي ڪينجهر ڌنڌ سائيٽ آفس مئنيجر حفيظ الله ڳنڀير، سنڌ ريفارمز سوسائيٽي جي محمد امين ڪيريو، جهول ماڙي ويلفيئر ائنڊ ڊولپمينٽ جي عبدالقادر پالاري،  يونائيٽڊ ڪميونٽي ڊولپمينٽ آگرنئيزيشن جي شڪيل ميمڻ، پاڪستان فشرفوڪ جي جوائينٽ سيڪريٽري ڪاندڙو ملاح ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

ان موقعي تي اجلاس ۾ موجود سڄاڻ ڌرين جنهن ۾ پروفيسر اسماعيل ڪنڀر، ڊاڪٽر مرتضى ڌاريجو، نذير عيساڻي، ذوالفقار هاليپوٽو، نواز ڪنڀر، مالڪ سومرو ۽ ٻين پروگرام متعلق سوال ڪيا ۽ پنهجا مفيد مشوراپڻ ڏنا. 

 
ان کان اڳ، ماحولياتي مسئلن بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ مختلف اخبارن ۽ ٽي وي چينلز جي صحافين ۾ شيلڊس پڻ ورهايا ويا، جن ۾ ڀگوانداس (ڊان اخبار)، فائزه الياس (ڊان اخبار)، جان خاصخيلي (دي نيوز)، امر گرڙو (پاڪستان ٽڊي)، ذولفقار ميمن (ڊان اخبار)،  اقبال خواجه (ڊان اخبار)، محمد حسين خان (ڊان اخبار)، ناز سهتو (ڪي ٽي اين)، نياز پنهور (روزاني ڪاوش)، فيض کوسو (ڪي ٽي اين)، امداد سومرو (روزاني عبرت)، روف چانڊيو (مهراڻ ٽي وي)، اسحاق مڱريو (فري لانس جرنلسٽ) ۽ عرفان گهمرو (جيو ٽي وي) شامل آهن. 

 

 

 

 

Untitled Document Publications