Untitled Document

26 مئي 2011

سانگهڙ ۾ گونا گو جيوت جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو

سانگهڙ،26  مئي: ا نڊس فار آل پروگرام ٰڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان پاران بحريه فائونڊيشن ڪاليج جي سهڪار سان سانگهڙ ۾ گوناگو جيوت جو عالمي ڌينهن ملهايو ويو، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي موجب گوناگو جيوت بابت جوڙيل ڪنوينشن تي عمل ڪيو وڃي ۽ گوناگو جيوت سان لاڳاپيل مسئلن بابت ڄاڻ پڻ مهيا ڪئي وئي.  

هن سال گوناگو جيوت جي عالمي ڏينهن جو موضوع  “گوناگو جيوت ۽ ٻِيلا” رکيو ويو آهي. ٻيلا ڌرتي تي موجود گوناگو جيوت لاءِ اهم آماج گاهه آهن ۽ اتي جانورن، ٻوٽن ۽ جيتن جو اڌ کان وڌيڪ نسل زندگي گذاري ٿو. ان کان سواءِ هي ٻِيلا گوناگو جيوت ۽ ماحولياتي سرشتا انسان ذات لاءِ پڻ تمام گهڻا مفيد آهن. حقيقت ۾ 1.6 بلين انسان هنن ٻيلن کي کاڌ خوراڪ جو اهم ذريعو سمجهن ٿا ۽ هي ٻيلا ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۾ به خاص ڪردار ادا ڪن ٿا.

 تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر علي ڌاريجو گوناگو جيوت جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته انسان ذات جي زندگي گوناگو جيوت تي انحصار ڪري ٿي ۽ ڪنهن به هڪ جيوت جي موت سان زندگي جو سموو ڄار متاثر ٿئي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ڪيترن ئي جانورن ۽ ٻوٽن جو نسل ختم ٿي چڪو آهي، ۽ ٻيا به مختلف ٻوٽا ۽ جانور گهٽجي رهيا آهن، هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته جاندارن جي تحفظ لاءِ گڏيل ڪوششون ورتيون وڃن ۽ مقامي علائقي جا ماڻهو ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪن. هن اهو پڻ چيو ته هڪ جامع پاليسي جوڙي وڃي ته جيئن گوناگو جيوت ايندڙ وقت ۾ به زندهه رهي سگهي، ان موقعي تي انڊس فار آل پروگرام ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان جي پروگرام ڪو آرڊينيٽر ناصر علي پنهور ڳالهائيندي چيو ته گوناگو جيوت جي وسيلن جو استعمال ۽ تحفظ پوري سماج لاءِ هڪ اهم چئلينج بڻيل آهي، ان ڪري انهيءَ ڳالهه جي ضرورت آهي ته هن عمل ۾ نوجوان نسل سميت مختلف ڌرين کي شامل ڪيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته نوجوان نسل مستقبل لاءِ بهتر سوچ رکي ٿو ۽ ان ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي سگهه پڻ موجود آهي، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نوجوان نسل کي صحيح رستو ڏيکاريو وڃي.

بحريه فائونڊيشن جي پرنسپال ڪمانڊر لياقت علي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته شاگردن کي ماحولياتي ڄاڻ مهيا ڪرڻ تمام ضروري آهي، ڇاڪاڻ تي شاگرد ئي وڌندڙ ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏئي سگهن ٿا، انهيءَ موقعي تي چوٽياري سائيٽ مئنيجر ظفر علي ٽالپر پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته شاگردن کي گوناگو جيوت جي ختم ٿيندڙ نسل واري جنگ ۾ بطور صف اول سپاهي جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

ماحولياتي تعليمي آفيسر نويد علي سومرو تعليمي ادارن ۾ فطرتي ڪلبن واري تصور تي روشني وڌي ۽ ڪلب ميمبرن جي ڪردار تي خيالن جو اظهار ڪيو، هن چيو ته هي ميمبر عام فطرتي ماحول کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي هن خطي ۾ ماحولياتي سياحت کي هٿي وٺرائڻ جي پڻ ضرورت آهي، ان موقعي تي شاگردن ٽيبلو پيش ڪيا ۽ تقريرون پڻ ڪيون. فطرت سان لاڳاپيل ڪلب پاران ڪاليج کي سرسبز ڪرڻ جي مهم پڻ شروع ڪئي، جنهن ۾ وڻن جون چڪيون لڳايون ويون.

Untitled Document Publications