Untitled Document

ڪينجهر ڪناري ميلو

ٺٽو:23 جون: انڊس فار آل پروگرام _ ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان  پاران  ڪينجهر ڪنزرويشن  نيٽ ورڪ جي سهڪار  سان  ماحولياتي مسئلن بابت آگاهي  ڏيڻ  لاءِ ٺٽي ۾ ڪينجهر ڪناري ثقافتي  ميلو منعقد ڪيوويو. هن ميلي ۾ سماجي تنظيمن جي نمائندن  سميت سول سوسائٽي  ميمبرن، مقامي ماڻهن، اديبن، فنڪارن  ۽ شاعرن  پڻ شرڪت ڪئي.

هن ميلي جو مقصد ڪينجهر ڍنڍ کي درپيش  ماحولياتي  مسئلن  ۽ ان سان  مقامي آبادي تي پوندڙ خراب اثرن بابت سجاڳي پيدا ڪرڻ هو. شام جو لڳايل هي ميلو رات دير تائين جاري رهيو.

ميلي ۾ ترڻ جو مقابلو، تقريرون ۽ ٽيبلو  پيش ڪرڻ کان علاوه  مشاعرو پڻ ڪوٺايو ويو جنهن ۾ سنڌ جي مشهور شاعرن پنهنجا شعر ۽ غزل پيش ڪيا.

تقريب کي خطاب ڪندي انڊس فار آل  پروگرام جي پروگرام  ڪو آرڊينيٽر محترم ناصر علي پنهور چيو ته  ميلي ذريعي اسين عالمي  ماحولياتي مسئلن سان گڏوگڏ ڪينجهر ڍنڍ کي درپيش مسئلن بابت مقامي ماڻهن، سڄاڻ ڌرين ۽ ميڊيا کي آگاهي فراهم ڪري رهيا آهيون.هن اهو پڻ چيو ته  موسمي تبديلين سبب ڍنڍ تي ايندڙ ناياب  پکي ختم ٿي ويا آهن ۽ ڍنڍ جو پاڻي تيزي سان  گدلو ٿي رهيو آهي. جيڪو انساني صحت  سان گڏوگڏ  ٻين جاندارن  لاءِ پڻ هاڃيڪار آهي. هن وڌيڪ چيو ته  سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي  پڻ ڪينجهر ڍنڍ جي خوبصورتي کي پنهنجي شاعري ۾ چٽيو آهي ۽ پنهنجي ڪافي شاعري فطرت جي حسن ۽ دلڪش نظارن کي ارپي آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڪينجر ڍنڍ کي درپيش  ماحولياتي مسئلن جي حل لاءِ سرڪاري،  غير سرڪاري ۽ ٻين بين الاقوامي  ادارن سان گڏو گڏ مقامي ماڻهن، اديبن،شاعرن ۽ شاگردن کي اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي  هالينڊ مان آيل ماحولياتي  ماهر وم گيزن چيو ته  سنڌي ثقافت ۽ موسيقي  اولهه وارن ملڪن جي ڀيٽ ۾ مختلف  آهي پر هو ان کي بيحد  پسند  ڪري ٿو، جيڪا فطرت جي رنگن  ۾ رچيل آهي. هن وڌيڪ چيو ته  اهڙي قسم جا ميلا  منعقد  ڪيا وڃن ته جيئن عام ماڻهو ماحولياتي  مسئلن کي بهتر نموني  سمجهي سگهن. ان موقعي  تي انڊس  فار آل  پروگرام  جي ٽيم ليڊر  محترم ربنواز چيو ته ماحولياتي  مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ  وڌيڪ وقت  درڪار آهي. پر پوءِ به اسين هاڪاري نتيجا حاصل ڪري رهيا آهيون.

هن ميلي  ۾ فنڪارن پڻ شرڪت  ڪئي جن ۾ محترم شهزادو ڪامران، محترم ٻالڪ سنڌي، محترم الله ڏنو خاصخيلي ،محترم مراد مڱڻهار ۽ محترم فاضل پالاري ثقافتي گيت ڳائي هال ۾ ويٺل ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو.

 تقريب جي آخر ۾ مشاعرو ڪوٺايو ويو جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان  ڪهي آيل مشهور شاعرن محترم علي اظهار  ، محترم مور ساگر  محترم عابد سنڌي، محترمه مريم مجيدي ، محترم  قوي، محترم اياز امر شيخ ۽ محترم سرويچ سجاولي  خوبصورت شعر ۽ غزل پيش ڪيا.

 

Untitled Document Publications