Untitled Document

 

2011 18 مارچ

مصنوعي آبگاهون تعمير ڪري گندي پاڻيءِ کي ٻيهر استعمال ڪري سگهجي ٿو.


نوابشاهه، 18 مارچ: مصنوعي آبگاهن تعمير ڪري،گندي پاڻيءِ کي قدرتي طريقن ذريعي صاف بڻائي تيزي سان گهٽجندڙ ذخيرن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلن ۽ گدلاڻ کي منهن ڏئي سگهجي ٿو.

اها ڳالهه ماحولياتي ماهرن ڊبليو ڊبليو ايف جي انڊس فار آل پروگرام جي تعاون سان سنڌيڪا ريفارمزسوسائٽي پاران مصنوعي آبگاهن ذريعي گندي پاڻي جي صفائي واري موضوغ تي ڪرايل سيمينار ۾ ڪيو.

هنن چيو ته جو گهڻي مقدار ۾ پيدا ٿيندڙ گندي پاڻي جا ماحول ۽ زيرزمين پاڻي جي ذخيرن تي تمام خراب اثر پئجي رهيا آهن، جن کي حل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ان سلسلي ۾مصنوعي آبگاهن اهڙن ماحولياتي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.    

سيمينار کي خطاب ڪندي شهيد بينظيرآباد ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر جمال مصطفى سيد چيو ته مصنوعي آبگاهن واري ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرائڻ ۽ ان متعلق ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ انڊس فارآل پروگرام ۽ سنڌيڪا ريفارمزسوسائٽي چڱو قدم کنيو آهي.

هن چيو ته حڪومت لاءِ اڪيلي سر ماحولياتي مسئلن ختم نه ٿي ڪري سگهي. حڪومت غيرسرڪاري تنظيمن جي مدد سان انهن مسئلن کي ڪافي حد تائين حل ڪري سگهي ٿي.

هن اعلان ڪيو ته ضلعي حڪومت مصنوعي آبگاهن واري ٽيڪنالاجي کي ضلعي ۾ هٿي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندي ۽ ان سلسي ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ وارو کاتو ان ٽيڪنالاجي کي ضلعي ۾ عام ڪندو.

انڊس فارآل پروگرام جي ڪوآرڊينيٽرناصر علي پنهور چيو ته گندي پاڻي جو نيڪال خاص ڪري غريب ۽ ڪچي آبادين ۾ هڪ وڏو مسئلو آهي. ان جا صحت ۽ ماحول تي هڃيڪار اثر پئجي رهيا آهن، جن کي حل ڪرڻ اهم چيلنج آهي.

هن چيو ته سنڌ ۾ ڊرينج ۽ سيوريج وارو نظام سار سنڀال نه هئڻ ڪري ناڪارا بڻيل آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جي گهربل سار سنڀال نه ٿي ڪئي وڃي. اهڙي صورتحال ۾، گهٽ قيمت سان مصنوعي آبگاهن واري ٽيڪنالاجي ڊرينج ۽ سيوريج واري نظام جي ناقص حالت کي منهن ڏيڻ لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.

مصنوعي آبگاهن جي خوبين متعلق، هن چيو ته ان ٽيڪنالاجي جي ڪري گندي پاڻي کي صاف ڪري زراعت، مڇي جي فارمن ۽ اهڙن مختلف مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان نه رڳو معاشي فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا پر گندي پاڻي جي ماحول تي پوندڙ هاڃيڪار اثرن منهن ڏئي سگهجي ٿو.

ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان جي نيچرل ريسورس مينجمينٽ ڪوآرڊينيٽر اميد خالد سيمينار کي ٻدايو ته انڊس فار آل پروگرام پاران مقامي سماجي تنظيمن جي سهڪار سان شهيد بينظيرآباد ۽ سانگهڙ ضلعن جي مختلف علائقن ۾ ڪل پنج تجرباتي مصنوعي آبگاهون تعمير ڪرايون  ويون آهن. انهن تجرباتي مصنوعي آبگاهن مان مثبت فائدا حاصل ڪيا ويا آهن.

سنڌيڪا ريفارمزسوسائٽي جي چيئرمين محمد امين ڪيريو ٻڌايو ته پاڪستان جو پهريون مصنوعي آبگاهه شهيد بينظيرآباد ضلعي جي مجيد ڪيريو ڳوٺ ۾انڊس فارآل پروگرام ۽ يواين هئبيٽاٽ جي مالي ۽ فني تعاون سان تعمير ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪري ان ڳوٺ ۾ گندي پاڻي وارو مسئلو حل ٿي ويو آهي.

هن چيو ته ڳوٺ ۾ ناقص ڊرينيج ۽ سيوريج نظام هئڻ ڪري، گندو پاڻي گهٽين ۾ جمع ٿي ويندو هو، جنهنڪري ڪيترائي صحت ۽ ماحول جا مسئلا پيدا ٿي ويا هئا. پر مصنوعي آبگاه ٺهڻ کان پوءِ اهي مسئلا گهڻي حد تائين حل ٿي چڪا آهن.

ان سيمينار کي پروفيسر ڊاڪٽر نياز ميمڻ، صحافي آڪاش سنتورائي، قائد عوام يونيورسٽي آف انجينئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي پروفيسر ڪشنچند، ڊاڪٽر دولت جمالي رفيق جمالي ۽ ٻين پڻ ڳالهايو.

       

 

Untitled Document Publications