Untitled Document

5 جون ; 2011

وڌندڙ ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: ڊي سي او شهيد بينظير آباد

5جون: ڊبليو ڊبليو ايف انڊس فار آل پروگرام پاران نوابشاهه ۾ ماحول جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ميلو منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي شهيد بينظير آباد جي ڊي سي او جمال مصطفى شاهه خطاب ڪندي چيو ته موجوده دور ۾ ڪيترن ئي ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ ڪو به ادارو اڪيلي سر انهن سڀني مسئلن کي حل نه ٿو ڪري سگهي. هن وڌيڪ چيو ته ماحولياتي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سرڪاري، غير سرڪاري ۽ نجي ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، هن اهو پڻ اعلان ڪيو ته ايندڙ چوماسي جي موسم دوران ضلعي حڪومت، ضلعي ۾ وڻ لڳائڻ لاءِ اين جي اوز ۽ سي بي اوز جي شرڪت کي يقيني بڻائيندي.

ان موقعي تي انڊس فار آل پروگرام جي پروگرام ڪو آرڊينيٽر ناصر علي پنهور چيو ته هن ڀيري عالمي ماحولياتي ڏينهن جو موضوع “ٻيلا” رکيو ويو آهي، هن اهو پڻ چيو ته ٻيلن مان اسان کي ڪيترائي ماحولياتي، معاشي ۽ سماجي فائدا آهن. هن ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته سنڌ ۾ ٻيلا ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيا آهن جن جو اهم ڪارڻ پاڻي جي کوٽ، غيرقانوني قبضا ۽ واڍي آهي. هن وڌيڪ چيو  ته پئي ٻيلو جهنگلي جيوت خاص طور هرڻ ۽ ڪارڙي تتر کي بهتر آماجگاهه فراهم ڪري ٿو. ان ڪري جهنگلي جيوت ۽ ٻيلي تي ڀاڙيندڙ مقامي آبادين جي جياپي لاءِ هن ٻيلي جو تحفظ تمام ضروري آهي. تقريب کي شهيد بينظير آباد جي اي ڊي او تعليم راضي خان جمالي، ڊبليو ڊبليو ايف جي سائيٽ مئنيجر اسامه انور ۽ امين ڪيريو پڻ خطاب ڪيو. تقريب جي اختتام تي تقريرون ۽ ٽيبلو پيش ڪندڙ شاگردن ۾ انعام ورهايا ويا.
Untitled Document Publications