Untitled Document

 

20113 مارچ

چوٽياري تي پهرئين انفارميشن ۽ ڪنزرويشن سينٽر جي افتتاحي تقريب

  

ڊبليو ڊبليو ايف جي انڊس فارآل پروگرام پاران بقار ڍنڍ وٽ ٺاهيل پهرئين چوٽياري انفارميشن ۽ ڪنزرويشن سينٽر جو افتتاح پاڪستان ۾ نيڌرلينڊ ايمبيسي جي فرسٽ سيڪريٽري جان ولم ڪولس تي ڪيو.

افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي جان ولم ڪولس چيو ته سنڌ صوبو قدرتي وسيلن ۽ جهنگلي جيوت جي ناياب نسلن سان ڀرپور آهي، پر ساڳي وقت ان جي تحفظ لاءِ ڪيترائي چيئلنج درپيش آهن. هن سڄاڻ ڌرين، ماحولياتي ماهرن، تعليمدانن، محققن، ليکڪن کي سنڌ جي انهن قدرتي وسيلن جي تحفظ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ زور ڀريو.

هن اميد ڪئي ته چوٽياري انفارميشن ۽ ڪنزرويشن سينٽر ماڻهن ۾ ماحول کي درپيش چيئلنجن متعلق جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. جان ولم ڪولس اها اميد ظاهر ڪئي ته هي سينٽر ٻاٽ اونداهي ۾ روشني جو ڪم ڪندو.

هن انڊس فارآل پروگرام جي ٽيم جي ماحول ۽ قدرتي وسيلن کي بهتر ڪرڻ لاءِ ورتل اپائن جي تعريف ڪندي انهن کي مثالي قرار ڏنو. هن مقامي ماڻهن کي گذارش ڪئي ته اهي انڊس فارآل پروگرام جي انهن اپائن جو قدر ڪن ۽ انهن جو ساٿ ڏين.

ان موقعي تي ڊبليو ڊبليو ايف جي ڊائريڪٽر جناب رب نواز پنهجي آجياڻي خطاب ۾ چيو ته انڊس فارآل پروگرام  تحت سنڌ ۾ چئن ماڳن ۾ فطرت جي تحفظ ۽ گذر سفر کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪم ٿي رهيوآهي.

انڊس فارآل پروگرام جي ڪوآرڊينيٽر جناب ناصر علي پنهورچيو ته ڊبليو ڊبليو ايف پاران ملڪ ۾ 8 معلوماتي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن.  جن مان چار سنڌ ۾ آهن جن جا نالا هي آهن: ويٽلينڊ سينٽر، ڪراچي، انڊس ڊولفن سينٽر، سکر، ڪينجهر انفارميشن ۽ ڪنزرويشن سينٽر، ٺٽو ۽ چوٽياري انفارميشن ۽ ڪنزرويشن سينٽر سانگهڙ.

 هن چيو ته چوٽياري انفارميشن ۽ ڪنزرويشن سينٽر استادن، شاگردن، محققن ۽ سول سوسائٽي جي لاءِ ماحول، جهنگلي جيوت، قدرتي وسيلن ۽ انهن کي درپيش مشڪلاتن متعلق جاڳرتا پيداڪرڻ لاءِ اهم مقام ثابت ٿيندو.

هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ فطرت تي مبني سياحت جا ڪيترائي موقعا موجود آهن ۽ ان سلسلي ۾ هي سينٽر ڪردار ادا ڪندو.

هن ٻڌايو ته مقامي هنرن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سينٽر ۾ هڪ ٽڪ شاپ جو پڻ انتظام ڪيو ويو آهي.

نامياري تعليمي ماهر پروفيسر قلندر شاهه لڪياري چيو ته تيزي سان وڌندڙ آبادي جو دٻاءُ ماحولياتي مسئلن ۾ واڌ جو اهم ڪارڻ آهي. ان کان علاوه صنعتن ۽ شهري آبادي ۾ اضافي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ آلودگي ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيو آهي، جنهن جا اثر ماحلياتي تبديلن جي صورت ۾ ظاهر ٿيو آهي.

پروفيسر قلندر شاه لڪياري چيو ته انهن مسئلن جو حل ان ماحولياتي بگاڙ متعلق آاگاهي پيداڪرڻ ۽ ماحول دشمن صنعتن ۽ آبادي کي روڪڻ ۾ آهي. ان لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

ماحولياتي ليکڪ جناب اشتياق انصاري چيو ته ماحولياتي تعليم هن دور جي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي، ڇاڪاڻ ته ماحوليات ۽ ان کي درپيش مشڪلاتن متعلق معلومات نه هجڻ ڪري عام ماڻهون تيزي سان بگڙجندڙ متعلق پوري طرح آگاه نه آهن. هن چيو ته ماحولياتي بگاڙ کي روڪڻ ۾ ماحولياتي تعليم مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. سينٽر بابت هن چيو ته هي هڪ بين الااقوامي سطح جو معلوماتي مرڪز آهي ۽ اهو مقامي ماڻهن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو.

سنڌ اريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي جي نمائندا محترمه شڪيلا لغاري پڻ انڊس فارآل جي چوٽياري انفارميشن ۽ ڪنزرويشن سينٽر جي ساراهه ڪئي. هن چيو ته هي سينٽر علائقي جي مختلف قدرتي وسيلن، جهنگلي جيوت جي بابت معلومات کي عام ڪرڻ ۾۽ ايڪوٽوئرزم کي هٿي وٺرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

محترمه شڪيلا لغاري چيو ته ڊبليو ڊبليو ايف جي ماحوليات ۽ جهنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ ورتل اپائن جو وڏي پيماني تي مثبت اثر ڏٺا ويا آهن، جيڪي ٻين غير سرڪاري ۽ سرڪاري تنظيمن جي لاءِ مثال آهن.

ان کان علاوه، ، پروفيسر امر لغاري، عزيز رانجهاڻي، نواز ڪنڀر، انڊس فار آل پروگرام جي حفيظ ڳنڀير، غلام رسول کتري، اساما انور، نويد سومرو، مولا بخش پڻ خطاب ڪيو.

ان موقعي تي ماحوليات جي مختلف پهلون ۽ مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ٽيبلوز ۽ ڪلچرل شوز پڻ پيش ڪيا ويا، جنهن ۾ مختلف نيچر ڪلبس جي ٻارن ڀرپور حصو ورتو.

 


 

Untitled Document Publications